January 20, 2022

افغانستان جي ڪاميابي تي طالبان ترجمان جو ردعمل

ڪابل (ويب ڊيسڪ) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ نميبيا خلاف افغان ٽيم جي ڪاميابيءَ تي طالبان ترجمان ذبيح الله جو ردعمل اچي ويو.

ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي سپر 12 مرحلي ۾ افغانستان جي ٽيم نميبيا کي 62 رنسن تان شڪست ڏئي پنهنجي گروپ ۾ ٻي پوزيشن حاصل ڪري ورتي آهي، جڏهن ته اها ايونٽ ۾ افغان ٽيم جي ٻي فتح آهي.

افغانستان جي فتح تي طالبان ترجمان ذبيح الله مجاهد ٽيم کي مبارڪون ڏنيون آهن.

پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ذبيح الله مجاهد چيو ته نميبيا خلاف ڪاميابي تي رانديگرن، بورڊ ۽ قوم کي مبارڪون پيش ڪيان ٿو.

Follow by Email
YouTube
YouTube