August 9, 2022

سوڊان ۾ فوجي بغاوت خلاف احتجاج، ٻه ڄڻا اجل جو شڪار

خرطوم (ويب ڊيسڪ) سوڊان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي وڏي انگ جي موجودگي باجوود هزارين ماڻهن ڪجهه ڏينهن اڳ ٿيندڙ فوجي بغاوت خلاف احتجاج ڪيو آهي.

رڳو تخت گاهه خرطوم ۾ 10 هزار ماڻهو روڊن تي نڪتا، احتجاج ڪندڙن جو مطالبو هو ته سويلين قيادت واري عبوري حڪومت کي بحال ڪيو وڃي ته جيئن ملڪ جمهوريت جي رستي تي هلي سگهي.

اهڙي ريت اوڀر ۽ اتر سان گڏوگڏ وچ سوڊان ۾ به ريليون نڪرڻ جا اطلاع آهن.

ڊاڪٽرن موجب ٻن ڄڻن کي اومدرمان شهر ۾ مليشيا جي ماڻهن گوليون هڻي ماري ڇڏيو آهي.

Follow by Email
YouTube
YouTube