August 9, 2022

نيوزيلينڊ هٿان ڀارت کي شڪست، سوشل ميڊيا تي ميمز جو طوفان اچي ويو

1 min read

آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي سپر 12 مرحلي ۾ نيوزيلينڊ هٿان ڀارت جي شڪست کانپوءِ سوشل ميڊيا تي ميمز جو طوفان اچي ويو.

ڀارتي ٽيم پاڪستان کانپوءِ نيوزيلينڊ هٿان به هارائي وئي آهي ۽ ميگا ايونٽ ۾ مسلسل ٻه ميچون هارائڻ کانپوءِ ان جو ايندڙ مرحلي ۾ پهچڻ ڏکيو ٿي ويو آهي.

ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت جي خراب ڪارڪردگي تي سوشل ميڊيا واهپيدارن ميمز جو طوفان آڻي ڇڏيو آهي ۽ ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم کي ٽرول ڪيو پيو وڃي.

ڪجهه واهپيدار ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت جو سفر ختم ٿيڻ جا ميمز شيئر ڪري رهيا آهن ته ڪجهه وري پوائٽس ٽيبل ابتو ڪري ڀارت کي مٿين پوزيشن تي ڏيکاري رهيا آهن.

Follow by Email
YouTube
YouTube