January 18, 2022

ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت کي لڳاتار ٻي شڪست، ايندڙ مرحلي ۾ پهچڻ ڏکيو

دبئي (ويب ڊيسڪ) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي گروپ 2 جي اهم ميچ ۾ نيوزيلينڊ جي ٽيم ڀارت کي 8 وڪيٽن جي وڏي مارجن تان شڪست ڏئي ڇڏي، جنهن کانپوءِ ڀارت جو ايندڙ مرحلي ۾ وڃڻ ڏکيو ٿي ويو آهي.

دبئي ۾ ڪيوي ٽيم جي ڪپتان ڪين وليمسن ٽاس کٽي پهريان ڀارت کي بيٽنگ جي دعوت ڏني ۽ ڀارتي ٽيم مقرر اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 110 رنسون ٺاهي سگهي.

ڀارت طرفان رويندرا جديجا 26، هرديڪ پانڊيا 23، راهول 18، روهت شرما 14، رشاڀ پنت 12، ڪپتان ويرات ڪوهلي 9 رنسون ٺاهيون.

نيوزيلينڊ طرفان بولٽ بهترين بالنگ ڪرائيندي 3 وڪيٽون ورتيون، اش سوڌي 2، سائوٿي ۽ ملني هڪ – هڪ شڪار ڪيو.

جواب ۾ نيوزيلينڊ جي ٽيم گهربل هدف 14.3 اوورن ۾ ٻن وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو.

ڪيويز طرفان ڊيرل مچل 49 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، ڪپتان ڪين وليمسن 33 ۽ مارٽن گپٽل 20 رنسون ٺاهيون.

واضح رهي ته ورلڊ ڪپ جي گروپ 2 ۾ پاڪستان 3 ميچون کٽي ٽاپ پوزيشن تي آهي، جڏهن ته افغانستان جي ٽيم ٻن ڪاميابين سان ٻئي، نيوزيلينڊ جي ٽيم هڪ ڪاميابي سان ٽئين، نميبيا هڪ ڪاميابي سان چوٿين ۽ ڀارت ٽيم ٻئي ميچون هارائي پنجين نمبر تي اچي وئي آهي.

Follow by Email
YouTube
YouTube