August 9, 2022

وزيراعظم عالمن جي گڏجاڻي مان ڪنهن کي ٻاهر نه موڪليو: طاهر اشرفي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم جي خاص نمائندي طاهر اشرفي چيو آهي ته گذريل ڏينهن عمران خان عالمن سان گڏجاڻي مان ڪنهن کي ٻاهر نه موڪليو هو.

پنهنجي بيان ۾ طاهر اشرفي پڇاڻو ڪيو ته وفاقي وزير فواد چوڌري ۽ مان ان گڏجاڻي ۾ هئاسين ئي نه ته وزيراعظم ٻاهر ڪيئن ٿو ڪري سگهي؟

واضح رهي ته گذريل ڏينهن ڪالعدم تنظيم جي معاملي تي وزيراعظم عمران خان ۽ عالمن وچ ۾ ملاقات ٿي هئي.

ذريعن جو چوڻ هو ته عالمن جي وفد سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري ۽ مذهبي هم آهنگي بابت خاص نمائندي طاهر اشرفي جي موجودگي ۾ وزيراعظم سان ملاقات کان انڪار ڪري ڇڏيو هو، جنهن کانپوءِ وزيراعظم ٻنهي کي ڳالهين ۾ شريڪ نه ٿيڻ جي هدايت ڪئي هئي.

ان حوالي سان فواد چوڌري به پنهنجي ردعمل ۾ چيو هو ته عالمن جي اعتراض جي خبرن ۾ صداقت ناهي، مان پاڻ اهڙن اجلاسن ۾ ويهڻ پسند ناهيان ڪندو.

Follow by Email
YouTube
YouTube