August 13, 2022

چيف جسٽس تي حڪمن تي سول ايوي ايشن ڪلب ۾ شادي تقريبون رد

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي روشني ۾ سول ايوي ايشن ڪلب ۾ شادي جون سڀ تقريبون رد ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

سول ايوي ايشن ترجمان سي اي اي ڪلب ۾ طئي ٿيل تقريبن کي رد ڪيو ويو آهي، اڄ رات 12 وڳي کانپوءِ سي اي اي ڪلب ۾ شادي جون تقريبون نه ٿينديون.

ترجمان جو چوڻ هو ته واهپيدارن کي 10 ڏينهن ۾ رقم واپس ڪرڻ جا حڪم به جاري ڪيا ويا آهن، مارڪي مالڪن کي به انهن جا سيڪيورٽي ڊپازٽ واپس ڪيا ويندا.

واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ هڪ ٻڌڻي دوران ڊي جي سول ايوي ايشن کي سرڪاري زمين تي شادي هال فوري طور بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.

Follow by Email
YouTube
YouTube