January 20, 2022

ڌارين کي نيڪالي ڏئي سنڌ دشمن منصوبا ختم ڪيا وڃن: سنڌ ايڪشن ڪميٽي

سکر (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاري، ڪوڙا سڃاڻپ ڪارڊ، ڪوڙا ڊوميسائل ٺاھڻ ۽ سنڌ دشمن بحريا ٽائون منصوبي خلاف سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي سکر جي سٽي باءِ پاس کان تير چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.

ريلي جي اڳواڻي سنڌ ترقي پسند جي سربراھه ڊاڪٽر قادر مگسي، جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيي، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي اڳواڻ سيد زين شاھه، قومي عوامي تحريڪ سميت ٻين قومپرست ڌرين جي اڳواڻن ڪئي.

ريلي ۾ ماڻهن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي، جيڪي سنڌ دشمن منصوبن خلاف نعريبازي ڪري رهيا هئا، جڏهن ته ريلي تير چوڪ واري علائقي ۾ پهچڻ کانپوءِ جلسي جي صورت اختيار ڪري وئي.

ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت جي ملي ڀڳت سان سنڌ جون زمينون ملڪ رياض حوالي ڪري سنڌ دشمن منصوبي بحريا ٽائون جو بنياد وڌو ويو آھي، جڏھن ته سنڌ صوبي ۾ ڌارين کي آباد ڪري قومي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪيا پيا وڃن، جنھن مان حڪمرانن جي بدنيتي ظاهر ٿئي ٿي ۽ سنڌي قوم کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، جيڪا ڪنھن به صوت ۾ قبول نه ڪنداسين.

ھنن چيو ته ملڪ اندر ڳاٽي ٽوڙ مھنگائي اڳ ئي عوام جون وايون بتال ڪري ڇڏيون آھن، ويتر بيروزگاري ۽ حقن تي ڌارين جي ڌاڙن سبب ماڻھو آپگهات ڪري رھيا آھن.

اڳواڻن مطالبو ڪندي چيو ته سنڌ مان ڌارين کي نيڪالي ڏئي سنڌ دشمن منصوبن کي فوري طور ختم ڪري سنڌ جي وسيلن تي سنڌي قوم کي حق ۽ حاڪميت ڏني وڃي، ٻي صورت ۾ سنڌي قوم روڊن تي نڪري ايندي.

Follow by Email
YouTube
YouTube