January 20, 2022

سنڌ جي عوام کي پنجاب جهڙي ترقي ڏيارينداسين: احسن اقبال

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ نون جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري احسن اقبال چيو آهي ته عمران خان جو نئون پاڪستان هڪ ڊيڄاريندڙ خواب بڻجي چڪو آهي، ايندڙ سال اليڪشن جو هوندو، صاف شفاف چونڊون نه ٿيون ته ملڪ ۾ وڏو ڏڦيڙ پيدا ٿي ويندو.

حيدر آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي احسن اقبال چيو ته مهانگائي، بيروزگاري ۽ بک بدحالي وڌي وئي آهي، سي پيڪ منصوبو ملڪ جي تقدير تبديل ڪرڻ جو منصوبو آهي، موجوده حڪومت جي غلط پاليسين سبب ان جي رفتار ڪمزور ٿي چڪي آهي.

هن چيو ته نواز ليگ دور ۾ 29 ارب ڊالر جي رڪارڊ چيني سيڙپڪاري جو منصوبو آندو ويو، ان منصوبي ۾ سنڌ سڀ کان وڌيڪ فائدو حاصل ڪندڙ آهي، ايندڙ چونڊن ۾ سنڌ ۾ به ن ليگ سياسي ڪردار ادا ڪندي ۽ موقعو مليو ته سنڌ جي عوام کي پنجاب جهڙي ترقي ڏيارينداسين.

سندس چوڻ هو ته ڪراچي ۾ ميٽرو بس لاءِ 25 ارب رپيا فنڊ جاري ڪيا ۽ 90 سيڪڙو ڪم به مڪمل ڪرايو پر موجوده نالائق حڪمران 3 سالن ۾ به منصوبو مڪمل نه ڪري سگهيا آهن، ملڪ ۾ گولي ۽ جٿن جي طاقت هوندي ته عوام جي طاقت ڪمزور ٿيندي.

Follow by Email
YouTube
YouTube