August 13, 2022

ملڪ ۾ مهانگائي، وزيراعظم وڏو پيڪيج ڏيڻ وارو آهي: فواد چوڌري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان مهانگائي جي معاملي تي هڪ پيڪيج جو اعلان ڪرڻ وارو آهي.

ڪور ڪميٽي اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته وزيراعظم جلد پيڪيج جو اعلان ڪندو، جنهن تحت هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ آبادي کي رليف ملندو، جڏهن ته توانائي بحران تي اسان کي ڳڻتي آهي ۽ ضابطي آڻڻ ڄاڻون ٿا.

مڪاني چونڊن جي حوالي سان هن چيو ته پنجاب ۾ مڪاني چونڊن ۾ ماڻهو سڌي ريت ميئر چونڊيا ويندا.

سندس چوڻ هو ته اليڪشن ڪميشن جي معاملي تي ٻيهر مٿو ٻڌو آهي، اعظم سواتي ۽ مون کي شوڪاز ڏيڻ زيادتي آهي، اهو واپس ٿيڻ گهرجي.

Follow by Email
YouTube
YouTube