January 18, 2022

نميبيا خلاف ميچ لاءِ قومي ٽيم ۾ تبديلين جو امڪان

دبئي (ويب ڊيسڪ) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ هيل تائين ناقابل شڪست رهندڙ قومي ٽيم جي ايندڙ ميچ ۾ تبديلين جو امڪان آهي.

پاڪستاني ٽيم ورلڊ ڪپ ۾ پنهنجي چوٿين ميچ سڀاڻي نمبيا خلاف کيڏندي، جنهن ۾ ٻن تبديلين جو امڪان آهي.

ذريعن موجب عماد وسيم ۽ حسن علي جي جاءِ تي محمد نواز ۽ وسيم جونيئر کي پليئنگ اليون جو حصو بڻائي سگهجي ٿو.

ان کان اڳ پاڪستان طرفان ٽنهي ميچن ۾ ساڳي ٽيم ميدان تي لاٿي وئي.

پاڪستان ۽ نميبيا جي ٽيمن وچ ۾ ميچ سڀاڻي شام 7 وڳي ابوظهبي ۾ کيڏي ويندي ۽ قومي ٽيم ۾ تبديلين جو حتمي فيصلو ميچ کان اڳ ٿيندو.

Follow by Email
YouTube
YouTube