January 18, 2022

هر ڳالهه جا ذميوار اسان آهيون ته پوءِ وفاق به اسان جي حوالي ڪري ڇڏيو: مراد علي شاهه

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته هوائن جو رُخ تبديل ٿي ويو آهي، هاڻ جڏهن به چونڊون ٿيون ته تحريڪ انصاف ضمانتون ضبط ڪرائيندي.

اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته 2018 ۾ تحريڪ انصاف جئين کٽي سڀني کي خبر آهي، هوائن جو رُخ تبديل ٿي ويو آهي، تحريڪ انصاف جا ڪيترائي ماڻهو پ پ ۾ ايندا، هاڻ پي ٽي آءِ جا ماڻهو چونڊن ۾ پنهنجون ضمانتون ضبط ڪرائيندا.

هن چيو ته تحريڪ انصاف چئي ٿي ته ڪراچي جي سڀ کان وڏي جماعت بڻجي چڪي آهي پر ڪراچي وارن کان ته پڇو، هر ڳالهه جي ذميواري اسان تي وڌي ويندي آهي ته پوءِ وفاق به اسان حوالي ڪري ڇڏيو، انشاءَ الله ملڪ جا ماڻهو سڄي ذميواري جلد پ پ کي ڏيندا.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ڪالعدم ٽي ايل پي جي معاملي تي حڪومت جي نااهلي سبب قيمتي جانيون نقصان ٿيون، حڪومت ڦاسندي آهي ته ٻين کي مدد لاءِ سڏيندي آهي، اهي ماڻهو معاملا خراب ڪري مبارڪون وصول ڪرڻ چاهين ٿا، معاملو بهتر انداز ۾ حل ٿي پئي سگهيو.

سيد مراد علي شاهه ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان جي ڪارڪردگي بابت چيو ته ٽيم سٺو کيڏي رهي آهي، اميد آهي ته ورلڊ ڪپ کٽينداسين، ٻڌو آهي ته وزيراعظم چيو آهي ته ان جي ڪري پاڪستان سٺو کيڏي رهيو آهي، اڳ ئي چيو هو ته وزيراعظم لاءِ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۾ ڪم ڪرڻ وڌيڪ بهتر آهي.

Follow by Email
YouTube
YouTube