January 18, 2022

ويڪسين لڳرائڻ باوجود آمريڪي صدر جي ترجمان ڪورونا جو شڪار

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) وائيٽ هائوس جي هڪ ترجمان جين ساڪي ڪورونا خلاف ويڪسين لڳرائڻ باوجود وائرس جو شڪار ٿي وئي.

آمريڪي صدر جي ترجمان جين ساڪي جي ڪورونا ٽيسٽ جو نتيجو هاڪاري آيو آهي ۽ اهڙو اعتراف هن پاڻ هڪ بيان ۾ ڪيو.

جين ساڪي ٻڌايو ته مان گذريل هفتي خاص حفاظتي قدمن سان آمريڪي صدر جو بائيڊن سان ملي هيس ۽ آمريڪي صدر جي يورپ دوري ۾ ان سان گڏ نه هيس.

واضح رهي ته جو بائيڊن روم ۾ ٿيندڙ جي 20 سربراهي اجلاس ۽ گلاسگو ۾ ”عالمي ماحولياتي ڪانفرنس“ ۾ شرڪت لاءِ خميس ڏينهن يورپ جي سفر تي روانو ٿيو هو.

Follow by Email
YouTube
YouTube