January 18, 2022

ٽي ايل پي جي ڌرڻن ۾ پي ٽي آءِ قيادت شرڪت ڪئي پر اسان سياسي فائدو نه کنيو: شهباز شريف

ڊيرا غازي خان (ويب ڊيسڪ) ن ليگ صدر ۽ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف چيو آهي حڪومت کي خبر آ ته ان تي سٺو وقت نه ايندو، ايندڙ ڏينهن ۾ حڪومت کي اسپيس نه ڏينداسين.

ڊيرا غازي خان ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شهباز شريف چيو ته ٽي ايل پي جي ڌرڻن ۾ پي ٽي آءِ قيادت شرڪت ڪندي هئي پر اسان ان صورتحال جو سياسي فائدو نه کنيو، احتجاج جو معاملو بهتر نموني حل ٿي پئي سگهيو.

هن چيو ته مفاهمت جو بادشاهه گهڙي گهڙي جيل ناهي ويندو، سياست ۾ ڪا شئي اڻ ٿيڻي ناهي ٿيندي، سياست جي دائري ۾ رهي هر شئي ممڪن آهي، پ پ جو پي ڊي ايم ۾ شموليت جو فيصلو پي ڊي ايم ڪري سگهي ٿي، جڏهن ته پارليامينٽ۾ پ پ ۽ اي اين پي سان رابطي ۾ آهيون.

سندس چوڻ هو ته حڪومت ڪرپشن ڪيسن ۾ پاڻ کي اين آر او ڏيڻ لاءِ نيب ترميمي آرڊيننس آندو، حڪومت اپوزيشن کي ڀت سان لڳائڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي، پي ڊي ايم ۾ لانگ مارچ بابت مشاورت ڪئي ويندي.

اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي حوالي سان شهباز شريف چيو ته طبعيت ٺيڪ ٿيڻ تي هو واپس اچي ويندو، ن ليگ جا سمورا فيصلا نواز شريف جي مشاورت سان ٿيندا آهن.

شهباز شريف حڪومتي پاليسين تي تنقيد ڪندي چيو ته حڪومت عوام تي ساڍن ٽن سالن ۾ وڏو ظلم ڪيو، حڪومت ظلم مٿان ظلم ڪري رهي آهي، معيشت جو ڪهڙو حال ٿي ويو آهي، اسان سڀني کي گڏجي ملڪي بهتري لاءِ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.

Follow by Email
YouTube
YouTube