January 20, 2022

پابنديءَ باوجود قومي جانور مارخور جو نسل گهٽجڻ لڳو

پشاور (ويب ڊيسڪ) پابنديءَ باوجود ملڪ ۾ قومي جانور مارخور گهٽجي رهيا آهن.

چترال ۾ قومي جانور مارخور جو انگ گهٽجڻ جي حوالي سان دستاويز موجب نيشنل پارڪ وائلڊ لائف ۾ ٻن سالن دوران 868 مارخور گهٽجي ويا آهن.

وائلڊ لائف کاتي جي سروي رپورٽ موجب سال 2019 ۾ مارخورن جو انگ 2 هزار 868 هو، سال 2020 ۾ مارخورن جو انگ گهٽجي 2 هزار رهجي ويو.

وائلڊ لائف کاتي ٻڌايو آهي ته مارخور جي غير قانوني شڪار تي مڪمل پابندي آهي پر قومي اسيمبلي اسپيڪر عبدالڪبر چترالي موجب قومي جانورن جو غير قانوني شڪار ٿي رهيو آهي ۽ ڪروڙين رپين جي فنڊن باوجود مارخور جو نسل ختم ٿي رهيو آهي.

Follow by Email
YouTube
YouTube