August 13, 2022

پي ڊي ايم جدوجهد پئي ڪري، پ پ اسٽيبلشمينٽ کان موقعو وٺڻ جي ڳولا ۾ آهي: قادر مگسي

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) ايس ٽي پي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته سنڌ ترقي پسند پارٽي جمهوري سياست ۽ هلچل کان ڪڏهن به لاتعلق نه رهي آهي، اسان ضياءَ جي آمريت کان ويندي مشرف تائين آمريت خلاف روڊن تي جدوجهد ڪئي ۽ جيلن ۾ به ويا آهيون، مشرف جي آمريت خلاف اسان اي پي ڊي ايم جي پليٽ فارم تان گڏجي جدوجهد ڪئي، احسن اقبال ۽ آئون گڏ جيل به وياسين.

اهڙن خيالن جو اظهار هن مسلم ليگ (ن) جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري احسن اقبال سان ملاقات کانپوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو.

احسن اقبال حيدرآباد پهچي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي سان ترقي پسند هائوس تي ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ ملڪ، خاص طور تي سنڌ جي سياسي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.

ملاقات کانپوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته مسلم ليگ (ن) جي جنرل سيڪريٽري احسن اقبال سان ملڪ، خاص طور تي سنڌ جي سياسي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي آهي.

هن چيو ته نواز شريف کي هٽائڻ جي لاءِ هائبرڊ فارمولو آندو ويو، جيڪو ناڪام ٿي چڪو آهي، اسان پارليامينٽ، جمهوريت ۽ عدليا جي آزادي تي يقين رکندڙ آهيون، ملڪ ۾ ڪنهن به صورت ۾ صدارتي نظام جا حامي نه ٿينداسين.

سندس چوڻ هو ته هن وقت پي ڊي ايم جي شڪل ۾ جمهوري سياسي جماعتون جدوجهد ڪري رهيون آهن، پيپلز پارٽي موقعي پرست سياسي جماعت بڻجي سامهون آئي آهي، پ پ پردي جي پٺيان اسٽيبلشمينٽ کان موقعو وٺڻ جي ڳولا ۾ آهي، پ پ هر ڳالهه تي راضي ٿي هڪ ڀيرو بلاول کي آڻڻ جي ڪوششن ۾ آهي.

Follow by Email
YouTube
YouTube