January 20, 2022

پ پ جي پي ڊي ايم ۾ واپسيءَ کان انڪار سان گڏوگڏ وڏي آڇ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ جي اطلاعات سيڪريٽري فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته پ پ، پي ڊي ايم جو حصو نه بڻجندي.

اسلام آباد مان جاري بيان ۾ فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته پ پ اپوزيشن جو ڪردار ادا ڪندي رهندي پر پي ڊي ايم جو حصو نه بڻجندي، پي ڊي ايم حڪومت جي خاتمي لاءِ پ پ جي مدد حاصل ڪري سگهي ٿي.

هن چيو ته پ پ قيادت پنجاب ۽ وفاق ۾ بي اعتمادي رٿ جي آڇ تي قائم آهي، بلوچستان ۾ بي اعتمادي رٿ حلال آهي ته وفاق ۽ پنجاب ۾ حرام ڇو؟

سندس چوڻ هو ته پي ڊي ايم حڪومت کي ڪيرائڻ ۾ سنجيده ناهي، پ پ کي بلوچستان عوامي پارٽي جو ووٽ وٺڻ جا مهڻا ڏيندڙ اڄ ڪٿي آهن؟

فيصل ڪريم ڪنڊي موجب پي ڊي ايم، بي اي پي کي سپورٽ ڪرڻ تي جي يو آءِ، بي اين پي کي ڪڏهن شوڪاز ڏيندي، پي ڊي ايم جي اسيمبلين مان استعيفيٰ ۽ لانگ مارچ جي انتظار ۾ آهيون.

Follow by Email
YouTube
YouTube