January 18, 2022

ڪيرالا جي اڳوڻي سونهن راڻي ڪار حادثي ۾ پنهنجي ساٿڻ سميت اجل جو شڪار

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست ڪيرالا جي اڳوڻي سونهن راڻي پنهنجي ساٿڻ سان گڏ ڪار حادثي ۾ اجل جو شڪار ٿي وئي.

ڀارتي ميڊيا موجب انسي ڪبير ۽ ان جي رنر اپ انجانا شجن آچر ۽ سومر جي وچين رات ڪار ۾ سفر ڪري رهيون هيون ته انهن جي گاڏي ضابطي مان نڪري حادثي جو شڪار ٿي وئي.

پوليس جو چوڻ آهي ته ٻنهي عورتن موٽر سائيڪل سوار کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن سبب انهن جي ڪار ضابطي مان نڪري وئي ۽ حادثي جي نتيجي ۾ 25 ورهين جي انسي ڪبير ۽ 29 ورهين جي انجانا شجن ٿڏي تي فوت ٿي ويون، جڏهن ته ڪار ۾ موجود ٻيا مسافر سخت زخمي ٿيا، جيڪي اسپتال ۾ علاج هيٺ آهن.

پوليس موجب خطرناڪ حادثي جي نتيجي ۾ ڪار مڪمل طور تباهه ٿي وئي.

Follow by Email
YouTube
YouTube