August 13, 2022

گئس بحران: حڪومت ڊيفالٽر ڪمپنين سان معاهدو ڇو ڪيو؟

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ شيري رحمان چيو آهي ته هن مهيني گئس جو سخت بحران شروع ٿي ويندو، جيڪڏهن ڪمپنيون ڊيفالٽر هيون ته حڪومت انهن سان معاهدو ڇو ڪيو؟

پنهنجي بيان ۾ شيري رحمان چيو ته اڳ ئي حڪومت هن سال هڪ ايل اين جي ڪارگو گهٽ خريد ڪيو، تاريخ ۾ مهانگي ترين ايل اين جي خريد ڪرڻ کانپوءِ به بحران پيدا ٿيو.

هن چيو ته نيٺ ڪيستائين هن حڪومت جي نااهلي جي سزا عوام ۽ ملڪ کي ڀوڳڻي پوندي؟

واضح رهي ته 19 نومبر کانپوءِ گئس جو وڏو بحران يقيني ٿي ويو آهي، گنور ۽ اي اين آءِ ٻه ايل اين جي ڪارگوز جي فراهمي کان پوئتي هٽي ويون، جنهن جي سيڪريٽري پيٽروليم طرفان به تصديق ڪئي وئي آهي.

Follow by Email
YouTube
YouTube