January 20, 2022

”انگلينڊ کي رڳو پاڪستان يا افغانستان ئي هارائي سگهي ٿو“

1 min read

لنڊن (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي انگلش ڪرڪيٽر ڪيون پيٽرسن چيو آهي ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ انگلينڊ کي رڳو پاڪستان يا افغانستان ئي هارائي سگهي ٿو.

ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ڪيون پيٽرسن چيو ته هن ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ رڳو پاڪستان يا افغانستان ان پوزيشن ۾ آهن جو اهي انگلينڊ کي سولائي سان شڪست ڏئي سگهن ٿا.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته اهو رڳو ان ئي صورت ۾ ممڪن ٿي سگهي ٿو ته ميچ شارجا ۾ استعمال ٿيل وڪيٽ تي کيڏي وڃي.

واضح رهي ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ انگلينڊ ۽ پاڪستان جون ٽيمون ناقابل شڪست آهن.

Follow by Email
YouTube
YouTube