January 18, 2022

اين اي 133 ننڍي چونڊ: تحريڪ انصاف جي جمشيد اقبال چيما جو وڏو فيصلو

لاهور (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 133 جي ضمني چونڊ لاءِ تحريڪ انصاف اميدوار جمشيد اقبال چيما اليڪشن ٽربيونل ۾ اپيل داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو.

ان معاملي تي سينيٽر اعجاز چوڌري جو چوڻ هو ته اليڪشن ٽربيونل ۾ اپيل داخل ڪئي ويندي، 50 سيڪڙو يقين آهي ته فيصلو اسان جي حق ۾ ايندو، اها ڪا وڏي غلطي ناهي.

واضح رهي ته لاهور جي سيٽ اين اي 133 جي ضمين چونڊ لاءِ تحريڪ انصاف اميدوار جمشيد اقبال چيما ۽ سندس گهرواري ڪورنگ اميدوار مسرت جمشيد چيما جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويا هئا.

پي ٽي آءِ اميدوارن جي نامزدگي ڪاغذن تي ن ليگ اعتراض اٿاريندي چيو هو ته ڪامزدگي ڪاغذن جي تائيد ۽ تجويز ڪندڙ جو واسطو اين اي 133 سان ناهي.

ياد رهي ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان لاهور جي سيٽ اين اي 133 جي ضمني چونڊ ۾ حصو وٺندڙ 14 اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪري ورتا آهن، جڏهن ته 6 رد ڪيا هئا.

Follow by Email
YouTube
YouTube