January 20, 2022

بابر ۽ رضوان وڏن وڏن بيٽسمينن کي پوئتي ڇڏي ڏنو

ابو ظهبي (ويب ڊيسڪ) قومي ٽيم جي ڪامياب اوپننگ جوڙي بابر اعظم ۽ محمد رضوان وڏن وڏن بيٽسمينن کي پوئتي ڇڏي ڏنو.

ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي سپر 12 مرحلي ۾ نميبيا خلاف قومي ٽيم جي اوپنرن 113 رنسن جي ڀائيواري قائم ڪئي ۽ هنن ٽي ٽوئنٽي فارميٽ ۾ پنجون ڀيرو سينچري جي ڀائيواري قائم ڪري هڪ ٻيو اعزاز ماڻي ورتو آهي.

بابر اعظم ۽ محمد رضوان جي جوڙي نه رڳو ڀارتي پر ڪيوي بيٽسمينن کي به پوئتي ڇڏيندي وڌيڪ سينچري پارٽنرشپ ۾ پهرين پوزيشن تي اچي وئي آهي.

ان کان اڳ ڀارت جي بيٽسمينن شيکر ڌون ۽ روهت شرما 4 ڀيرا سينچري جي ڀائيواري قائم ڪئي، جڏهن ته نيوزيلينڊ جي مارٽن گپٽل ۽ ڪين وليمسن به 4 ڀيرا ئي سينچري پارٽنرشپ قائم ڪئي آهي.

Follow by Email
YouTube
YouTube