تحريڪ انصاف سنڌ ۾ متحرڪ، ٿرپارڪر ۾ جلسي جو اعلان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ ۾ پنهنجا پير کوڙڻ لاءِ ٿرپارڪر ۾ جلسي جو اعلان ڪري ڇڏيو.
تحريڪ انصاف طرفان سڄي سنڌ ۾ عوامي رابطا مهم ۾ تيزي اچي وئي ۽ ورڪرز ڪنوينشن جو سلسلو جاري آهي.
پي ٽي آءِ طرفان 4 نومبر تي ٿرپارڪر ۾ جلسي جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جلسي ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي شرڪت ڪندو ۽ تحريڪ انصاف هندو برادري جون ڏياري تقريبون به ملهائيندي.
ان ڏس ۾ تحريڪ انصاف اڳواڻ حليم عادل شيخ جو چوڻ هو ته شاهه محمود قريشي اڳواڻ لجپت ڀيل جي دعوت تي مٺي اچي رهيو آهي، مٺي ۾ ڏياري جي موقعي تي جلسو ٿيندو.
هن ٻڌايو ته شاهه محمود قريشي ڪراچي کان ريلي جي صورت ۾ عمرڪوٽ پهچندو، ننڍن وڏن شهرن ۾ ريلي جي شاندار آجيان ٿيندي، مٺي جو جلسو پ پ جي سياسي تابوت ۾ آخري ڪوڪو ثابت ٿيندو، پ پ جي ڪِرندڙ ڀِت کي آخري ڌڪو ڏينداسين.