January 18, 2022

حڪومت جو سومر تي پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرائڻ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت سومر ڏينهن پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو.

ذريعن موجب پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرائڻ جو فيصلو وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اتحادين جي اجلاس ۾ ڪيو ويو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته گڏيل اجلاس ۾ چونڊ سڌارن کي منظور ڪرايو ويندو ۽ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي استعمال بابت بل منظور ڪرايو ويندو.

ذريعن موجب وزيراعظم جي صدارت هيٺ اتحادين جي مشاورتي اجلاس ۾ ڪالعدم تنظيم جي معاهدي تي اعتماد ۾ ورتو ويو، اتحادي جماعتن اهم قومي معاملن تي گڏيل موقف اختيار ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.

Follow by Email
YouTube
YouTube