August 13, 2022

سلمان خان سان بدتميزي اداڪارا کي ڳچيءَ ۾ پئجي وئي

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي مقبول ريئلٽي شو بگ باس سيزن 15 ۾ گذريل هفتي پروگرام جي مضبوط اميدوار اداڪارا تيجسوي پراڪاش کي سلمان خان سان بدتميزي مهانگائي پئجي وئي.

پروگرام جي قسط جي ويڊيو ڪپ ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته مسلسل ڳالهائڻ تي سلمان خان، تيجسوي جي ڇنڊ پٽي رهيو آهي، جڏهن ته ويڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ واهپيدارن سميت اداڪارا ۽ بس باس سيزن 7 جي فاتح گوهر خان به تيجسوي کي سَت سريون ٻڌايون.

گوهر خان ٽوئيٽر تي لکيو ته توهان ڳالهائڻ جي طريقي سان جنگ کٽي سگهو ٿا ۽ کٽيل بازي هارائي سگهو ٿا، ڪيوٽ هجڻ جو مطلب بدتميزي ناهي هوندو.

Follow by Email
YouTube
YouTube