August 13, 2022

سنڌ حڪومت جو موهٽا پيلس جي معاملي تي سپريم ڪورٽ وڃڻ جو اعلان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه موهٽا پيلس جي معاملي تي سپريم ڪورٽ وڃڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

ڪراچي ۾ تقريب سان خطاب ڪندي سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ موهٽا پيلس جو نالو تبديل ڪري اتي ميڊيڪل ڪاليج ٺاهڻ جو حڪم ڏنو آهي، موهٽا پيلس ۾ شادي جي تقريب لاءِ هڪ شخص درخواست ڏني هئي، اسان اجازت ڏيڻ کان روڪي ڇڏيو هو.

هن چيو ته اسان جو بنيادي ڪم قانون ٺاهڻ آهي، جيڪو نه پيو ٿئي، اپريل ۾ اسان جي صوبي ۾ پبلڪ سروس ڪميشن جو قانون ختم ڪيو ويو، هڪ شخص درخواست ڏني ۽ عدالت قانون ئي ختم ڪري ڇڏيو، قانون ٺهي ۽ ختم ٿي وڃي اهو صحيح طريقو ناهي، پارليامينٽ سپريم ادارو آهي، پارليامينٽ جا قانون اڏايا ويندا آهن.

سندس چوڻ هو ته جيستائين امن قائم نه ٿيندو، اسان ترقي نٿا ڪري سگهون، پاڪستان جي تاريخ ۾ ڏڦيڙ ۽ انتهاپسندي آمراڻي دور ۾ شروع ٿي، ڪراچي اڳ دنيا جي خطرناڪ شهرن ۾ شامل هو، اسان جي حڪومت آئي ته سڀ کان اڳ امن کي ترجيح ڏني سين.

Follow by Email
YouTube
YouTube