January 18, 2022

صوبي ۾ وڌيڪ مهانگائي تي بلاول وزيراعليٰ هائوس سنڌ اڳيان احتجاج ڪري: فواد چوڌري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته سنڌ ۾ عام واهپي جي شين جا اگهه پنجاب جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهن، سنڌ حڪومت کان اگهه ڪنٽرول نه پيا ٿين، ان کي انتظامي معاملن تي نظرثاني ڪرڻ جي ضرورت آهي.

اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو بلاول مهانگائي خلاف جلوس ڪڍي ته وزيراعليٰ هائوس سنڌ اڳيان به احتجاج ڪري، سنڌ ۾ مهانگائي تي عوام تڪليف ۾ آهي.

هن چيو ته ڪابينا اجلاس ۾ عام واهپي جي شين جي اگهن جي خطي جي ٻين ملڪن سان ڀيٽ جو جائزو پيش ڪيو ويو، خطي جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ پاڪستان ۾ شيون سستيون آهن، پيٽروليم اسمن جا اگهه به پاڪستان ۾ خطي جي ٻين ملڪن کان گهٽ آهن.

سندس چوڻ هو ته ماڻهن کان زمين وٺي هائونسگ سوسائٽيون ٺاهيون ويون، هاڻ وفاقي حڪومت لينڊ ايڪوزيشن نه ڪري سگهندي، ڪو سبب ناهي ته ماڻهن کان زمين وٺي سوسائٽي ٺاهي وڃي، وزيراعظم پنهنجو صوابديدي فنڊ خرچ نه ڪيو، هن وزيراعظم پيڪيج ختم ڪري ڇڏيو آهي.

فواد چوڌري ٻڌايو ته ڪابينا ادارن کي پلاٽن جي ورهاست تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو، هائوسنگ سوسائٽيون ٺاهڻ لاءِ ماڻهن کان زمين وٺڻ جو حڪومت جو اختيار ختم ڪيو ويو ۽ هاڻ رهائشي پلاٽن جي منصفاڻي ورڇ بابت حڪمت عملي واضح ڪئي ويندي، حڪومت طرفان پراپرٽي لاءِ نئين اٿارٽي قائم ڪئي ويندي.

Follow by Email
YouTube
YouTube