August 13, 2022

فحش فلمون ٺاهڻ جي الزامن کي منهن ڏيندڙ شلپا جو مڙس سوشل ميڊيا تان به گُم

ممبئي (ويب ڊيسڪ) فحش فلمون ٺاهڻ جي الزام ۾ گرفتار ۽ پوءِ ضمانت تي آزاد بالي ووڊ اداڪارا شلپا شيٽي جي مڙس راج ڪندرا پنهنجا انسٽاگرام ۽ ٽوئيٽر اڪائونٽ ڊليٽ ڪري ڇڏيا.

ڀارتي ميڊيا موجب جيل مان آزادي کانپوءِ بزنس مين راج ڪندرا ڪنهن عوامي جاءِ تي نظر ناهي آيو، تازو شلپا شيٽي کي پنهنجي ٻارن سان گڏ علي باغ ويندي ڏٺو ويو هو پر مڙس سان گڏ نه هو.

هاڻ راج ڪندرا پنهنجا ٽوئيٽر ۽ انسٽاگرام اڪائونٽ بند ڪري ڇڏيا آهن ۽ ان جو سبب سامهون ناهي اچي سگهيو، جڏهن ته شلپا شيٽي جا سوشل ميڊيا اڪائونٽ فعال آهن.

واضح رهي ته راج ڪندرا کي ممبئي پوليس هلندڙ سال 19 جولاءِ تي فحش فلمون ٺاهڻ ۽ ماڊلز کي بليڪ ميل ڪرڻ جي الزامن تحت داخل ڪيس ۾ گرفتار ڪيو هو.

شلپا شيٽي ٻه ڀيرا پوليس کي رڪارڊ ڪرايل بيانن ۾ مڙس تي الزامن کي رد ڪري ڇڏيو هو پر گڏوگڏ اهو به چيو هو ته مان پنهنجي ڪمن ۾ ايڏي مصروف هيس جو مڙس جي حرڪتن تي نظر ئي نه رکي سگهيس ۽ علم ئي نه رهيو ته مڙس فحش فلمون ٺاهڻ ۾ مصروف آهي.

Follow by Email
YouTube
YouTube