January 18, 2022

ورلڊ ڪپ: پاڪستان نميبيا کي شڪست ڏئي سيمي فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي

ابو ظهبي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ لڳاتار 4 ميچون کٽي سيمي فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي.

ابوظهبي ۾ کيڏيل ميچ ۾ قومي ٽيم نميبيا کي 45 رنسن تان شڪست ڏئي ورلڊ ڪپ جي سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو.

ميچ ۾ پاڪستان ٽاس کٽڻ کانپوءِ پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ 2 وڪيٽن جي نقصان تي 189 رنسون ٺاهيون.

محمد رضوان 79 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي ناٽ آئوٽ رهيو، جنهن ۾ 8 چوڪا ۽ 4 ڇڪا شامل هئا، جڏهن ته ڪپتان بابر اعظم 70 رنسن جي اننگز کيڏي آئوٽ ٿيو.

محمد حفيظ ناقابل شڪست 32 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته ان کان اڳ فخر زمان 5 رنسون ٺاهي پويلين موٽيو.

نميبيا طرفان ڊيوڊ ويسا ۽ جين فريلنڪ هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.

جواب ۾ نميبيا جي ٽيم مقرر اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 144 رنسون ٺاهي سگهي، ڊيوڊ ويسي 43، ڪريگ وليمس 40 ۽ اسٽيفن بارڊ 29 رنسن سان ٽاپ اسڪورر رهيا.

پاڪستان طرفان حسن علي، عماد وسيم، حارث رئوف ۽ شاداب خان هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.

Follow by Email
YouTube
YouTube