January 20, 2022

ورلڊ ڪپ ۾ پروٽيز جي بهترين ڪارڪردگي جاري، بنگالين کي 6 وڪيٽن تان شڪست

1 min read

ابو ظهبي (ويب ڊيسڪ) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ ڏکڻ آفريقي ٽيم جي بهترين ڪارڪردگي جاري آهي ۽ ان بنگلاديش کي 6 وڪيٽن شڪست ڏئي ٽين ڪاميابي ماڻي ورتي آهي.

ابوظهبي ۾ ٽاس هارائڻ کانپوءِ دعوت ملڻ تي پهريان بيٽنگ ڪندي بنگلاديش جي ٽيم 84 رنسن تي ڍير ٿي وئي.

مهدي حسن 27، لٽن داس 24، شميم حسين 11 رنسون ٺاهيون، ٻين مان ڪو ڊبل فگر ۾ به نه پهچي سگهيو.

ڏکڻ آفريقا طرفان اينرچ نورجي، ڪگيسو ربادا 3-3، تبريز شمسي 2، جڏهن ته ڊوائن پريٽوريس هڪ وڪيٽ ورتي.

جواب ۾ پروٽيز گهربل هدف 14هين اوور ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو.

ڪپتان باووما 31، وان ڊر ڊوسين 22 ۽ ڪوئنٽن ڊي ڪوڪ 16 رنسن سان اڳڀرا رهيا.

واضح رهي ته ڏکڻ آفريقي ٽيم پنهنجي گروپ کيڏيل 4 ميچن مان 3 ڪاميابيون ماڻي ٻي پوزيشن تي آهي، جڏهن ته بنگلاديش جي ٽيم چئني ميچن ۾ شڪست جو منهن ڏٺو آهي.

Follow by Email
YouTube
YouTube