January 18, 2022

پاڪستان جي وڏي اسپتال ۾ فالج جو مفت علاج شروع

دل جي مرضن واري قومي اداري (اين آءِ سي وي ڊي) پهريون اسٽروڪ انٽرويشن پروسيجر سرانجام ڏئي ڪارڊيڪ هيلٿ ڪيئر ۾ هڪ نئين تاريخ لکي ڇڏي.

پروفيسر عرفان لطفي (انٽرنيشنل ريڊيالوجسٽ، اين آءِ سي وي ڊي) پنهنجي ٽيم سان گڏ 48 ورهين جي عورت تي اهو ڪامياب پروسيجر سرانجام ڏنو.

ڊاڪٽر عرفان لطفي ٻڌايو ته پروسيجر سواءِ ڪنهن پيچيدگي جي ڪاميابي سان سرانجام ڏنو ويو آهي، هن چيو ته مريضا صوفيا کي اڌ گوڏي سڄي پاسي جي ڪمزوري ۽ چهري جي بي ترتيبي سان اين سي وي ڊي ايمرجنسي جي شعبي ۾ آندو ويو هو ۽ اسان فوري طور تي مريضا جو سي ٽي اسڪين ۽ سي ٽي امنجيوگرام ڪيو ۽ پوءِ مريضا کي ڪيٿ ليب ۾ منتقل ڪيو.

علاج دوران مريضا جي دماغ ۾ اسسٽنٽ وجهي ڄميل رت جي ڳوڙهي کي ڪڍيو ويو، ڊاڪٽر لطفي وڌيڪ ٻڌايو ته علاج کان پوءِ مريضا طبي لحاظ سان بهتر آهي ۽ هو مڪمل طور تي صحتياب ٿي وئي آهي.

Follow by Email
YouTube
YouTube