August 13, 2022

”پي ٽي آءِ ۽ ايم ڪيو ايم وارا ايڏا ڪرپٽ آهن جو پ پ جي ظلم کي نٿا روڪي سگهن“

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪ سرزمين پارٽي جي سربراهه مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته موجوده حالتون گو نيازي گو جي نعري سان تبديل نه ٿينديون پر گو زرداري گو به چوڻو پوندو.

صحافين سان ڳالهائيندي مصطفيٰ ڪمال چيو ته پ پ حڪومت هلائيندڙ ڪراچي کي گروي رکي ڇڏيو، پي ٽي آءِ ۽ ايم ڪيو ايم وارا ايڏا ڪرپٽ آهن جو پ پ جي ظلم کي نٿا روڪي سگهن، وفاق ۾ عمران خان جي حڪومت هلائڻ لاءِ ڪراچي وارا ڀنگ ڏئي رهيا آهن.

هن چيو ته پ پ ڪراچي کي روزگار نه ڏنو، ٽرانسپورٽ نه ڏني، ڪچرو نه پئي کڻي، اسپتالون نه پيا ٺهن، عمران خان سان گڏ آصف زرداري به شريڪ ڏوهي بڻجي ويو آهي، حالتون گو نيازي گو جي نعري سان تبديل نه ٿينديون پر گو زرداري گو به چوڻو پوندو.

سندس چوڻ هو ته ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ جي ڪاميابي پ پ لاءِ لاٽري جي برابر آهي، وفاق ۽ صوبائي حڪومتن کي سڏي رهيو آهيان پر ٻڌڻي نه پئي ٿئي، ڪراچي جي خاموشي کي مجبوري نه سمجهو.

Follow by Email
YouTube
YouTube