August 9, 2022

گذريل 15 سالن دوران سڄي دنيا ۾ 1200 صحافي قتل ٿيا

پئرس (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن جي اداري يونيسڪو موجب 2006 کان 2020 تائين سڄي دنيا ۾ 1200 صحافي قتل ڪيا ويا، جڏهن ته قتل ٿيندڙ هر 10 صحافين مان 9 جا ڪيس حل نه ٿي سگهي.

2 نومبر تي سڄي دنيا ۾ مختلف تنظيمون پنهنجي پنهنجي ملڪن ۾ صحافين جي قتل جي حل نه ٿيندڙ ڪيسن تي ڳالهه ڪنديون آهن ۽ انهن لاءِ انصاف جو مطالبو ڪنديون آهن، 2 نومبر تي صحافين جي سلامتي بابت يونيسڪو جي 6 مهينن جي رپورٽ تي به ڳالهه ڪئي ويندي آهي.

يونيسڪو جا ڊائريڪٽر جنرل هر 6 مهينن کانپوءِ هڪ رپورٽ جاري ڪندا آهن، جنهن ۾ مختلف ملڪن ۾ صحافين خلاف ڏوهن جا تفصيل داخل هوندا آهن.

پاڪستان انهن ملڪن ۾ شامل ٿي چڪو آهي، جتي صحافي نه رڳو غير رياستي عنصرن هٿان غير محفوظ آهن پر کين حڪومتي ادارن طرفان به دٻاءَ کي منهن ڏيڻو پوندو آهي.

گڏيل قومن رڪن ملڪن تي زور ڏنو هو ته اهي صحافت سان سلهاڙيل ماڻهن جي تحفظ لاءِ ٺوس قدم کڻن، صحافين خلاف ٿيندڙ تشدد جي واقعن تي افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته ڏوهه ڪندڙن کي سزا جو خوف ئي ناهي.

واضح رهي ته 2013 ۾ مالي ۾ ٻن فرانسيسي رپورٽرن جي قتل کانپوءِ گڏيل قومن هر سال 2 نومبر تي صحافين تي تشدد خلاف عالمي ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪيو هو.

انگن اکرن مان ظاهر ٿئي ٿو ته پاڪستان ۾ صحافين تي ٿيندڙ پرتشدد واقعن ۾ هر 10 مان 9 ڪيسن ۾ ڏوهي قانون جي پڪڙ ۾ ناهن ايندا.

Follow by Email
YouTube
YouTube