August 13, 2022

9 بئنڪن تي سائبر حملي، رقم ڪڍرائڻ ۽ ڊيٽا چوري بابت اسٽيٽ بئنڪ جو بيان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان وضاحت ڪئي آهي ته 9 بئنڪن تي سائبر حملي، رقم ڪڍرائڻ ۽ ڊيٽا چوري جون خبرون درست ناهن.

هڪ بيان ۾ مرڪزي بئنڪ اهڙين خبرن جي ترديد ڪئي آهي ۽ واضح ڪيو آهي ته سائبر حملن بابت مرڪزي ترجمان عابد قمر جو حوالو ڏئي هلايون ويندڙ خبرون جعلي آهن.

بيان ۾ اهو به چيو ويو آهي ته پاڪستان جو بئنڪنگ سسٽم محفوظ آهي ۽ نيشنل بئنڪ کانسواءِ ڪنهن ٻي بئنڪ تي سائبر حملي جو هڪو اطلاع ناهي مليو، نه وري ڪٿان رقم ڪڍرائڻ يا ڊيٽا چوري ڪرڻ جو اطلاع آهي.

بيان موجب اسٽيٽ بئنڪ صورتحال جي نگراني ڪري رهي آهي، اهڙي ڪا به ڄاڻ يا تازي صورتحال اسٽيٽ بئنڪ جي سرڪاري ذريعي سان ئي جاري ڪئي ويندي.

Follow by Email
YouTube
YouTube