January 20, 2022

تاپسي پنو بالي ووڊ ۾ اداڪارائن سان ٿيندڙ ناانصافين تان پردو کڻي ڇڏيو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) من موهڻي اداڪارا تاپسي پنو بالي ووڊ ۾ صنفي امتياز تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي.

هڪ انٽرويو ۾ تاپسي پنو چيو ته جڏهن ڪا ڇوڪري فلم ۾ مک ڪردار نڀائيندي آهي ته ان سان هڪ نئين نوجوان کي کنيو ويندو آهي، ان جي ڀيٽ ۾ جڏهن هڪ مرد فلم ۾ مک ڪردار ۾ هوندو آهي ته ڀلي 5 کان 6 سين ڇو نه هجن، ان جي سامهون سپر اسٽار اداڪارا هوندي آهي.

هن چيو ته جڏهن به مان پنهنجي پروڊيوسر سان پنهنجي فلم لاءِ شارٽ لسٽ ٿيل مرد اداڪارن جي فهرست ڏسندي آهيان ته اهي اهڙا هوندا آهن، جن رڳو هڪ يا ٻن فلمن ۾ ڪم ڪيو هوندو آهي، اهو مردن جي ڀيٽ ۾ عورتن جي اعتماد جي احساس جي وضاحت ڪري ٿو.

سندس چوڻ هو ته نوان اداڪار به سينيئر اداڪارائن سان فلم ۾ ڪردار ادا ڪرڻ ناهن چاهيندا، ڇو ته اسان جي نظام ۾ ان ڳالهه جي ترتيب ڏني ويندي آهي ته جيڪڏهن فلم ۾ مرد جو ڪردار رڳو 10 سيڪڙو هجي ته اهي فلم نه ڪن.

Follow by Email
YouTube
YouTube