January 20, 2022

مڙس پنهنجي زال ان جي محبوب حوالي ڪري ڇڏي

شادي هڪ اهڙو عمل آهي، جنهن ۾ مڙس ۽ زال ڏک سک ۾ سڄي عمر هڪٻئي سان گڏ رهڻ جو وچن ڪندا آهن پر هڪ شخص اهڙو به آهي، پنهنجي گهرواريءَ جي شادي ان جي محبوب سان ڪرائي ڇڏي.

اهو انتهائي عجيب واقعو ڀارتي شهر ڪانپور ۾ پيش آيو، جتي مڙس پنهنجي گهرواري جي شادي ان جي محبوب سان ڪرائي.

ڀارتي ميڊيا موجب پنڪج شرما نالي شخص جي شدي 6 مهينا اڳ مئي ۾ موڪل نالي ڇوڪريءَ سان ٿي هئي پر ان جو رويو گهڻو عجيب هو ۽ هوءَ ڪنهن سان به ڳالهه ٻولهه نه ڪندي هئي.

ڀارتي ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي پنڪج چيو ته منهنجي پڇا تي زال اعتراف ڪيو ته هوءَ پنهنجي محبت منٽو سان شادي ڪرڻ چاهي ٿي، مان ڪومل جي گهروارن کي دانهن ڏني پر انهن جي سمجهائڻ باوجود هوءَ نه مُڙي.

مڙس جو چوڻ هو ته جڏهن معاملو گهر ۾ حل نه ٿيو ته اينٽي ڊوميسٽڪ وائلنس سيل سان رابطو ڪيو ويو، منهنجي ڪومل سميت پنٽو ۽ مائٽن سان ملاقات ٿي.

ميڊيا رپورٽن موجب جڏهن ڇوڪري ڪا ڳالهه نه مڃي ته پنڪج ان کي ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو، هن ڪومل جي شادي پنٽو سان ڪرائڻ جو سوچيو ۽ باقاعدي طور شادي لاءِ پاڻ وڪيل به بندوبست به ڪيو.

Follow by Email
YouTube
YouTube