January 18, 2022

نيب طرفان ريڪور ڪيل سوين ارب سرڪاري اڪائونٽ ۾ جمع نه ٿيڻ جو انڪشاف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ناڻي واري وزارت انڪشاف ڪيو آهي ته نيب طرفان ريڪور ڪيل 815 ارب رپيا سرڪاري اڪائونٽ ۾ جمع نه ٿيا.

اجلاس ۾ ناڻي واري وزارت ٻڌايو ته نيب مجموعي طور تي 821 ارب 46 ڪروڙ 90 لک رپيا ريڪور ڪيا آهن، 6 ارب 50 ڪروڙ رپين جي رقم نان ٽيڪس آمدني تحت وصول ٿي.

ناڻي واري وزارت سينيٽ ڪميٽي سامهون اهو به چيو ته باقي فنڊ ڪاڏي ويا؟ ڪٿي استعمال ٿي رهيا آهن؟ ان جو ڪو علم ناهي.

Follow by Email
YouTube
YouTube