August 9, 2022

”وزيراعظم جڏهن به نوٽيس ورتو مهانگائي وڌي وئي، وفاق مان چڱائيءَ جي اميد ناهي“

سکر (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ مڪاني کاتن جي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته جيستائين پي ڊي ايم بلاول ڀٽو زرداري جي ڳالهين تي عمل ڪندي رهي ته ڪامياب رهي، هن وقت پي ڊي ايم کي ڪٿي به موٽ نه پئي ملي.

سکر ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ناصر شاهه چيو ته پ پ سدائين ملڪي مفادن کي ترجيح ڏني آهي، ملڪي مفادن ۾ ٿي سگهي ٿو ته ڪنهن ڳالهه تي وفاقي حڪومت کي به سپورٽ ڪيون پر وفاقي حڪومت جي نااهلي تي ڪي به ٻه رايا ناهن، وزيراعظم جڏهن به ڪو نوٽيس ورتو ته قيمتون اڃا وڌيون آهن.

هن چيو وفاقي حڪومت سٺو قدم کڻي ته اسان ان جي حمايت ڪنداسين پر ان مان چڱائيءَ جي اميد ناهي، غريب ماڻهو ويلي لاءِ پريشان آهي، کنڊ ۽ اٽو سڄي ملڪ ۾ مهانگو آهي، ان ۾ سنڌ جو ڪهڙو ڏوهه؟ موجوده حالتن ۾ پ پ ڪڏهن پوائنٽ اسڪورنگ ناهي ڪئي.

سندس چوڻ هو ته اسان مزدور جي گهٽ ۾ گهٽ پگهار 25 هزار ڪئي، ڪنهن ٻئي صوبي ائين نه ڪيو، ٻين صوبن کي به چئون ٿا ته مزدورن جي پگهار گهٽ ۾ گهٽ 25 هزار مقرر ڪن.

پي ڊي ايم جي معاملي تي ناصر شاهه چيو ته ان اتحاد کي هاڻ ڪٿي به موٽ نه پئي ملي، جيستائين پي ڊي ايم بلاول ڀٽو زرداري جي ڳالهين تي عمل ڪندي رهي ته ڪامياب رهي، پي ڊي ايم کي ڪاميابي ان وقت ملندي، جڏهن سڀ گڏ هجن.

Follow by Email
YouTube
YouTube