August 9, 2022

وزيراعظم 120 ارب رپين جي رليف پيڪيج جو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان 120 ارب رپين جي رليف پيڪيج جو اعلان ڪري ڇڏيو.

رليف پيڪيج بابت قوم سان خطاب ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته ٻه ڪروڙ خاندانن لاءِ پيڪيج آڻي رهيا آهيون، جنهن سان 13 ڪروڙ پاڪستانين کي فائدو ٿيندو، گيهه، اٽي ۽ دال تي 30 سيڪڙو سبسڊي ملندي.

هن چيو ته 120 ارب رپين جو پيڪيج آڻي رهيا آهيون، ڪامياب پاڪستان لاءِ 1400 ارب رپين جي فنڊنگ رکي آهي، 40 هزار خاندانن لاءِ وياج بنا قرضن جو پروگرام آڻينداسين، وياج بنا قرضن سان گهر ٺاهي سگهبيا، شهرن ۾ به وياج بنا 5 لک رپين جو قرض ڏنو ويندو.

سندس چوڻ هو ته ڪامياب جوان پروگرام تحت 22 هزار بزنسز لاءِ قرض ڏنا، پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان وڏو اسڪالر شپ پروگرام ڏئي رهيا آهيون، 60 لک اسڪالرشپس تي 47 ارب رپيا خرچ ڪري رهيا آهيون، ان ۾ صوبا به شامل آهن.

Follow by Email
YouTube
YouTube