August 9, 2022

ويڙهاڪن جو قبضو، ايٿوپيا ۾ ايمرجنسي لاڳو

ايڊس ابابا (ويب ڊيسڪ) ايٿوپيا جي حڪومت سڄي ملڪ ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي ۽ عوام کي تخت گاهه ايڊس ابابا جي دفاع لاءِ تيار رهڻ جون هدايتون ڪيون ويون آهن.

تيگرائي خطي جي ٻن اهم شهرن تي قبضي کانپوءِ ويڙهاڪن تخت گاهه ڏانهن وڌڻ جي ڌمڪي ڏني آهي، جڏهن ته حڪومت 6 مهينن لاءِ ايمرجنسي جو اعلان ڪيو آهي.

حڪومتي فيصلي تحت انتظاميا کي روڊن تي رنڊڪون بيهارڻ، ٽرانسپورٽ سروسز کي معطل ڪرڻ، ڪرفيو لاڳو ڪرڻ ۽ ڪجهه علائقي کي فوج جي تحويل ۾ ڏيڻ سميت ڪيترائي اختيار حاصل ٿي ويندا.

ايٿوپين حڪومت اهو قدم تازو امهارا خطي ۾ اسٽريٽيجڪ لحاظ سان اهميت رکندڙ ٻن شهرن ڊيزي ۽ ڪومبلوچا تي تيگرائي ويڙهاڪن جي قبضي کانپوءِ کنيو آهي.

حڪومت موجب فوج تخت گاهه کان تقريبن 400 ڪلو ميٽر پري انهن ٻنهي اهم شهرن کي ٻيهر پنهنجي ڪنٽرول ۾ وٺڻ لاءِ جنگ ڪري رهي آهي.

Follow by Email
YouTube
YouTube