August 13, 2022

ڀارت – افغانستان مقابلو: طالبان اختياريون به اسٽيڊيم ۾ موجود

دبئي (ويب ڊيسڪ) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت خلاف ميچ دوران پنهنجي ٽيم جي سپورٽ لاءِ طالبان اختياريون به اسٽيڊيم پهچي ويون.

سپر 12 مرحلي ۾ گروپ ٽو ۾ ڀارت ۽ افغانستان جون ميچون آمهون سامهون آهن، افغان ٽيم ڀارت خلاف ٽاس کٽي اڳ ۾ بالنگ جو فيصلو ڪيو آهي.

ان اهم ميچ ۾ پنهنجي ٽيم کي سپورٽ ڪرڻ لاءِ طالبان حڪومت جون اختياريون به ابوظهبي اسٽيڊيم ۾ موجود آهن.

طالبان جي نائب ترجمان ۽ اطلاعات ۽ ثقافت واري وزارت جي نائب وزير احمد الله واثق ابوظهبي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم مان ويڊيو بيان جاري ڪيو آهي، جنهن ۾ هن چيو آهي ته مان پنهنجي ٽيم کي سپورٽ ڪرڻ لاءِ پهتو آهيان.

Follow by Email
YouTube
YouTube