January 18, 2022

ڀارت – افغانستان مقابلي کانپوءِ ٽوئيٽر تي ”فڪسڊ“ ٽاپ ٽرينڊ ڪرڻ لڳو

1 min read

ابو ظهبي (ويب ڊيسڪ) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ افغانستان کي شڪست ڏيڻ کانپوءِ جتي ڀارتي ٽيم جون سيمي فائنل ۾ پهچڻ جون اميدون وري جاڳي پيون، اتي ئي وري سوشل ميڊيا واهپيدار ان مقابلي کي ”فڪس“ قرار ڏئي رهيا آهن.

ڀارت ۽ افغانستان جي ميچ کانپوءِ ٽوئيٽر تي ”فڪسڊ“ ٽاپ ٽرينڊ ڪرڻ لڳو آهي ۽ ڪيترائي ماڻهو افغانستان جي اهڙي شڪست ۽ ڀارت جي ڪارڪردگي تي حيرانگيءَ جو اظهار ڪري رهيا آهن.

هڪ واهپيدار پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ميچ جي هڪ ڪلپ شيئر ڪندي لکيو ته فڪس ميچ هيئن هوندي آهي، رانديگرن جي باڊي لينگويج سڀ ڪجهه ٻڌائي رهي آهي، انهن کي شرم اچڻ گهرجي.

هڪ ٻئي واهپيدار لکيو ته هاڻ سمجهه ۾ آيو ته اصغر افغان رٽائرمينٽ ڇو ورتي، شايد هن فڪس ميچ جو حصو بڻجڻ نه ٿي چاهيو.

Follow by Email
YouTube
YouTube