January 18, 2022

آسٽريليا افغانستان خلاف تاريخي پهرين ٽيسٽ ملتوي ڪري ڇڏي

ڪينبرا (ويب ڊيسڪ) آسٽريليا افغانستان سان پنهنجي تاريخي پهرين ٽيسٽ ميچ ملتوي ڪري ڇڏي.

آسٽريليا جي ڪرڪيٽ اٿارٽي اهو قدم احتجاجي طور کنيو آهي، کين طرفان طرفان عورتن جي ڪرڪيٽ تي پابندي تي سخت اعتراض آهن ۽ ٽيسٽ ميچ ان وقت تائين ملتوي ڪئي وئي آهي، جيستائين طالبان عورتن کي کيڏڻ جي اجازت نٿا ڏين.

ڪيترن ئي سينيئر آسٽريلوي ڪرڪيٽرن پنهنجي بورڊ کي چيو هو ته جيڪڏهن پابندي برقرار ٿي رهي ته اها ٽيسٽ ميچ ۾ شرڪت ڪرڻ نٿا چاهيون.

اها ٽيسٽ ميچ هوبارٽ ۾ ان ئي مهيني شيڊيول هئي.

هوڏانهن عالمي برادري طالبان کي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن عورتن جي حقن جو تحفظ ۽ راندين سميت ٻين سرگرمين ۾ انهن جي شرڪت يقيني نه بڻائي وئي ته اهي مسئلن کي منهن ڏيندا.

Follow by Email
YouTube
YouTube