January 18, 2022

الله جي واسطي هن جي به ٻڌو: عفت عمر جي وزيراعظم تي تنقيد

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا عفت عمر وزيراعظم عمران خان کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو آهي.

عفت عمر ٽوئيٽر تي هڪ خبر شيئر ڪندي عمران خان تي ڇتي تنقيد ڪئي، ان خبر ۾ وزيراعظم جو بيان موجود آهي، جنهن ۾ هن ٻن وڏن خاندانن جي ملڪ ۾ پئسو آڻڻ بابت ڳالهه ڪئي آهي.

اداڪارا پنهنجي ٽوئيٽ ۾ پنجابي ۾ لکيو ته ”الله جي واسطي هن جي به ٻڌو، الله جي واسطي هن کي به ڪجهه ڏيو“.

هن لکيو ته ”هاءِ ڪيڏو مظلوم، معصوم، بي وس ۽ ڪمزور انسان آهي، الله جي ڳئون آهي، ڪو اختيار ناهي ويچارو بي وس آهي“.

سندس چوڻ هو ته ”هاءِ هاءِ، دنيا وارئو مظلوم جي ٻڌو ۽ ڪرپٽ ماڻهو ان تي رحم کائي پاڻ ئي واپس ڪري ڇڏيو پئسا، هي ويچارو وڏو مسيڪن آهي“.

Follow by Email
YouTube
YouTube