January 18, 2022

بجرنگي ڀائي جان جي ”مني“ جون تازيون تصويرون ڏسي سڀ حيران

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مقتول ترين فلم ”بجرنگي ڀائي جان“ ۾ مني جو ڪردار نڀائيندڙ هرشالي ملهوترا جي تازين تصويرن سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو.

هرشالي ملهوترا ڏياري جي موقعي تي انسٽاگرام تي پنهنجي نين تصويرن سان گڏ ڏياري جي مناسبت سان پيغام به لکيو.

تصوير ۾ هرشالي کي سائي ۽ اڇي رنگ جي وڳي ۾ ڏيئا ٻاريندي ڏسي سگهجي ٿو ۽ مداح سندس تعريفون ڪري رهيا آهن.

واضح رهي ته هرشالي رڳو 7 ورهين جي عمر ۾ فلم بجرنگي ڀائي جان ۾ سلمان خان سان گڏ نظر آئي هئي، فلم جي ڪاسٽ ۾ ڪترينا ڪيف ۽ نواز الدين صديقي پڻ شامل هو.

Follow by Email
YouTube
YouTube