January 18, 2022

رڙيون ڪري دنيا اڳيان ويرات جي تعريف ڪرڻ چاهيان ٿي: انوشڪا شرما

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا انوشڪا شرما چيو آهي ته مان رڙيون ڪري پنهنجي مڙس جي تعريف ۾ دنيا کي ٻڌائڻ چاهيان ٿي ته هو هڪ حيرت انگيز انسان آهي.

ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ويرات ڪوهلي جي 33هين سالگرهه جي موقعي تي سندس گهرواري انوشڪا شرما انسٽاگرام تي مڙس سان گڏ هڪ خوبصورت تصوير شيئر ڪئي.

ڪيپشن ۾ اداڪارا لکيو ته ”هن تصوير ۽ جيئن توهان زندگي گذاريندا آهيو، ان لاءِ ڪنهن فلٽر جي ضرورت ناهي، ڇو ته توهان هڪ ايماندار انسان آهيو ۽ اهو ئي توهان کي همت ڏيندو آهي“.

هن چيو ته ”مان ڪنهن کي نٿي سڃاڻان، جيڪو توهان جيان پنهنجي پاڻ کي اونداهيءَ مان کڻي روشني ۾ آڻي سگهي، توهان هڪ بهترين انسان آهيو، توهان بي خوف آهيو ۽ مان رڙيون ڪري دنيا کي ٻڌائڻ چاهيان ٿي ته توهان ڪيترا حيرت انگيز آهيو“.

سندس چوڻ هو ”خوش قسمت آهن اهي ماڻهو، جيڪي واقعي توهان کي سڃاڻن ٿا، هر شئي کي روشن ۽ خوبصورت بڻائڻ لاءِ توهان جا ٿورا“.

Follow by Email
YouTube
YouTube