August 9, 2022

سنڌ جو عوام سردارن ۽ ڀوتارن جو بائيڪاٽ ڪري: قادر مگسي

ملير (ويب ڊيسڪ) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي آچار سالار ڳوٺ پهچي مقتول ناظم جوکيو جي وارثن سان تعزيت ڪئي.

ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌ ۾ ڀوتارن، سردارن ۽ وڏيرن جو عوام کي سياسي بائيڪاٽ ڪرڻو پوندو، هنن کي ووٽ ڏئي عوام جيڪي غلطيون ڪري ٿو، ان جي نتيجي ۾ ناظم جوکيو جي قتل جهيڙا واقعا ٿين ٿا.

هن چيو ته سنڌ حڪومت قاتلن سان گڏ آهي پر مان ناظم جوکيو جي وارثن کي واضح چيو آهي ته خون جو سودو نه ڪجو، اهڙو سودو ماءُ جي ٿڃ برابر هوندو، سنڌ جو شعور هاڻي جاڳي چڪو آهي، ان ڪري سرداري، ڀوتاري نظام خلاف بغاوت شروع ٿي وئي آهي، سنڌ جي عوام کي هاڻ اهو فيصلو ڪرڻو پوندو ته ڀوتارن، سردارن، وڏيرن کي ووٽ ڏئي سنڌ جي تباهي نه ڪرائينداسين.

سندس چوڻ هو ته اسان انصاف ڏيارڻ لاءِ ناظم جوکئي جي وارثن سان گڏ آهيون.

Follow by Email
YouTube
YouTube