January 20, 2022

ضمني چونڊ: اپيليٽ ٽربيونل به تحريڪ انصاف اميدوار جي اپيل رد ڪري ڇڏي

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ جي اپيليٽ ٽربيونل اين اي 133 مان تحريڪ انصاف اميدوار جمشيد اقبال چيما جي نامزدگي ڪاغذ رد ٿيڻ خلاف اپيل رد ڪري ڇڏي.

لاهور ۾ قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 133 مان تحريڪ انصاف اميدوار جشميد اقبال چيما ۽ سندس ڪورنگ اميدوار مسرت اقبال چيما جا نامزدگي ڪاغذ رٽرننگ آفيسر رد ڪيا هئا.

جمشيد اقبال رٽرننگ آفيسر جي اهڙي فيصلي کي لاهور هاءِ ڪورٽ جي اپيليٽ ٽربيونل ۾ چئلينج ڪندي اپيل ڪئي هئي ته اهو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.

هن چيو هو ته منهنجو ضمانتي ان ئي تڪ جو ووٽر آهي، تنهن ڪري رٽرننگ آفيسر جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.

پر لاهور هاءِ ڪورٽ جي اپيليٽ ٽربيونل به جمشيد اقبال چيما ۽ مسرت چيما جون درخواستون رد ڪري ڇڏيون آهن.

واضح رهي ته اين اي 133 جي سيٽ ن ليگ جي پرويز ملڪ جي لاڏاڻي سبب خالي ٿي هئي ۽ ن ليگ مرحوم جي جاءِ تي سندس گهرواري کي ٽڪيٽ ڏني آهي.

اليڪشن ڪميشن اين اي 133 ۾ 5 ڊسمبر تي ضمني چونڊ ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي.

Follow by Email
YouTube
YouTube