August 13, 2022

”ناظم جوکئي جي قتل خلاف آواز اٿارڻ تي سنڌ جي شعور کي سلام پيش ڪريان ٿي“

ملير (ويب ڊيسڪ) سرداري نظام جو شڪار ٿيل اُم رباب چانڊيو چيو آهي ته سنڌ ڌرتي جا حلالي ۽ غيرتمند پٽ آهن، جيڪي پنهنجي ننگن ۽ حقن جو آواز بلند ڪن ٿا.

ام رباب چانڊيو پکين جي شڪار جي ويڊيو وائرل ڪرڻ تان بيدردي سان قتل ڪيل نوجوان ناظم جوکيو جي تڏي تي پهچي وارثن سان تعزيت ڪئي.

ان موقعي تي ڳالهائيندي هن چيو ته جاگيردار، پير، مير، سردار تڪبر ۾ اچي پاڻ کي خدا سمجهڻ لڳا آهن، سنڌ ڌرتي جا حلالي پٽ ۽ غيرتمند پٽ آهن، جيڪي پنهنجي ننگن ۽ حقن جو آواز بلند ڪن ٿا.

سندس چوڻ هو ته مان سنڌ جي شعور کي سلام پيش ڪريان ٿي، جن مظلوم ناظم جوکيو جي قتل تي هڪ آواز اٿاريو، جنهن سبب مک جوابدار گرفتار ٿيو آهي ۽ ٻين جوابدارن کي به فوري طور گرفتار ڪرڻ گهرجي.

Follow by Email
YouTube
YouTube