August 9, 2022

وفاق کنڊ بحران جو ذميوار سنڌ کي قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته گهڻي ڀاڱي شگر ملون نواز شريف ۽ آصف زرداري جون آهن.

پريس ڪانفرنس ڪندي فواد چوڌري چيو ته ماضي جي حڪومت 23 ملين ڊالر قرض ورتو، هن سال اسان کي 10 ارب ڊالر قرض واپس ڪرڻو پيو، جڏهن ته ايندڙ سال 12 بلين ڊالر قرض واپس ڪرڻو آهي.

هن چيو ته ڊالر جي قيمت ماضي جي پاليسين سبب وڌي، ماضي جي حڪومت ڊالر کي هٿرادو طريقي سان روڪي رکيو، 2008 کان 2018 تائين پاڪستان جا بدترين سال گذريا، ماضي جي بدترين معاشي پاليسين سبب اڄ ڀوڳي رهيا آهيون.

کنڊ بحران تي سندس چوڻ هو ته 9 هزار ٽن کنڊ انڊسٽري ۽ 6 هزار ٽن عوام کي گهرجي، گهڻي ڀاڱي شگر ملون نواز شريف ۽ آصف زرداري جون آهن.

فواد چوڌري چيو ته سنڌ حڪومت ڪڻڪ رليز نه پئي ڪري، جنهن سبب ڪراچي ۾ اٽو مهانگو آهي، سنڌ جي ماڻهن جي زندگي جو به قدر ڪرڻ گهرجي، سنڌ حڪومت ڪڻڪ رليز نه ڪئي، هاڻ ڪرشنگ به نه پئي ڪري.

ان موقعي تي خوراڪ جي تحفظ بابت وزير فخر امام چيو ته کنڊ جو هٿرادو بحران پيدا ڪري عام ماڻهو کان ناجائز فائدو ورتو پيو وڃي، 15 نومبر کان پنجاب ۾ ڪمند جي ڪرشنگ شروع ٿي ويندي.

Follow by Email
YouTube
YouTube