ويسٽ انڊين اسٽار ڊوائن براوو ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ کي الوداع چئي ڇڏيو

دبئي (ويب ڊيسڪ) ويسٽ انڊيز جي اسٽار آل رائونڊر ڊوائن براوو ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
گذريل ڏينهن سريلنڪا هٿان شڪست کانپوءِ ڊوائن براوو چيو ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ ويسٽ انڊيز جي سفر سان گڏ منهنجو ڪيريئر به ختم ٿي ويو.
هن چيو منهنجو خيال آهي ته هاڻ الوداع جو وقت اچي ويو آهي، 18 سال ڪرڪيٽ کي ڏاڍو انجواءِ ڪيو، ويسٽ انڊيز لاءِ آءِ سي سي ٽرافيون کٽڻ اعزاز جي ڳالهه آهي.
واضح رهي ته ڊوائن براوو ويسٽ انڊيز جي نمائندگي ڪندي 90 ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏيون ۽ هو ٻه ڀيرا ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کٽيندڙ ٽيم جو حصو به رهيو.